Latif Sain jo kalam by Ghulam Rasool Chandio
ฝัง
- เผยแพร่เมื่อ 4 ก.พ. 2025
- #هلو_تڪيا_پسون_تن_جا:
دنيا جو ڪامل سيلاني شاعر ٫٫شاهہ عبداللطيف ڀٽائي،، رحمةﷲعليه جڏھين بازر جي سئر واسطي گهر مان نڪري ٿو؛ هلندي هلندي ڪنھن لھار جي دڪان تي ڏسي ٿو تہ لوھر اڱر دکائي، ڌوَڻيءَ سان ڌنئين، کُورو تپائي، ان ۾ لوهہ وجهي ٿو تہ ڪٽ ڪڙھي ٿي ۽ لوهہ ٻري ٿو. جڏھين لوهہ تپي لال ڳاڙھو ٿئي ٿو، تڏهين مترڪا منھن ڪڍن ٿا، سنداڻيون ڪنبن ٿيون ۽ لوهہ ڌڪين تات پئي ٿو. اهي رواجي ڳالهيون جي سڀ ڪنھن ڏٺيون هونديون، تن مان هن عاشق نھايت عجيب مطلب ويھي ڪڍيا آهن، جي سُر ٫٫يمن ڪلياڻ،، ۾ ڏنل آهن. اسان کي بہ صلاح ڏني اٿس تہ جيڪڏھين ڀانيو تہ اوهان جي قلب تان ڪٽ لھي ۽ رڪ گهاءَ روشن ٿئي تہ ڪنھن ڪامل لھار/مرشد جي دامن وٺو.
اهڙي طرح وينجهارن کي موتي وِنڌيندو ڏسي پنھنجيءَ دل کي سمجهائي ٿو تہ جيئن موتي سيراهيءَ/برمي جا سور سھي پاڻ ۾ سل/سوراخ ڪرائي ٿو تہ پوءِ سندس مُلهہ جهجهو ٿئي ٿو، تيئن اي دل تون بہ سائينءَ جي راهہ ۾ هلندي، سور ۽ سختيون سھي، پاڻ پچاءِ تہ مالڪ وٽ تنھنجو مُلهہ ٿئي.
ڪنھن ڪنڀر جي نھائينءَ وٽان لنگهيو آهي تہ اتان دل جي درد سانڍڻ جو سبق سکي چيو اٿس تہ:
نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ، مُنھِنجا سُپِرِينۡ!
سَـڙٖي سـارو ڏِيـنھُن، ٻَـھَـرِ ٻاڦَ نہ نِڪِرٖي.
[سُر - رپ - داستان - ٻيون]
ڪنھن وقت ڪُونجن جي قطار آسمان ۾ اُڏامندي ڏسي چيو اٿس تہ:
وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرِتِ نہ ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسـو پَکِيَڙَنِ، ماڙھُنِئانۡ مـٖيٺُ گَهڻو.
[سُر - ڏھر - داستان - چوٿون]
ڪنھن وقت اُٺ جي سواري ڪئي اٿس تہ اُٺ جون سڀ عادتون جاچي، پوءِ سڄي ڳالهہ انساني سڀاءَ سان لاڳو ڪري، چيو اٿس تہ انسان جو من ڪڌاتوري ڪرھي مثل آهي، جو ڪيتري جهل پل کان پوءِ بہ دنيوي حرص ھوَس جي لاڻيءَ ڏي لڪيو لڪيو ليٽ ڪري ٿو، پر سچي سائينءَ جو ذڪر ۽ فڪر، جو سرکنڊ جو بي مثل آهي، تنھن ڏي مھڙ نٿو ڪري ۽ انھيءَ چندن جا چوپا ڪيو، کاڏو کوڙيو، غفلت ۾ پئجيو رهي! اهڙي طرح من روپي مئي جي ڳالهين منجهائي ڳوڙها ڪيو اٿس تہ بہ ڌڻيءَ جي مھربانيءَ کان نااُميد نہ ٿيو آهي. پر انھيءَ دم آسمان ۾ اکيون اٽڪائي سائينءَ کي سوال ڪيو اٿس، تہ چانگي جي چت ۾ ڪا سنئين وجهہ ۽ پنھنجي احسان سان اويھائينس.
ٿورا گهمرا ٻيڙيءَ توڙي بحري جھاز ۾ چڙھي درياهہ ۽ سمنڊ جا سفر ڪيا اٿس، تہ سمنڊ جي دھشت ۽ دم، ڪارونڀار ڪُنن، اُونِھنَ اوڙاھن، لڙ ۽ لھرين، لس، ليٽ ۽ ٻين ڳالهين جا اظھار اهڙي عُمدي عبارت ۾ ڪيا اٿس جو دل ايئن پيئي چئي تہ جيڪر اهي حرف وري وري پيا پڙھجن. مطلب شاهہ صاحب پنھنجن اکين کي قدرت جي اسرارن توڙي ٻين ڳالهين جاچڻ تي ڀليءَ ڀت هٖيرٖي ڇڏيو هو.
الاهي ڏات بہ ڪا ايتري هيس جو هر هڪ ڳالهہ مان نھايت عجيب اونھا مطلب ڪڍي سگهيو ٿي. پنھنجي مادري زبان تي بہ ڪلي ضابطو هوس، تنھن ڪري پنھنجي هر هڪ خيال کي نھايت عمدي پوشاڪ پھرائي سگهيو ٿي.
٫٫شاهہ سائين،، جيڪي سئر سفر ڪيا سي سڀ سچي سائينءَ جي اڪنڊ ۽ اڪير وچان. جيئن جيئن ويو گشت ڪندو تيئن تيئن سندس دماغ ويو کلندو.
هر ڪنھن هنڌان هو نصيحت جا سچا موتي ۽ حقيقت جا هار حاصل ڪندو ويو. انھن آزمودن ۽ اثرن سندس حقيقي عشق کي تحريڪ ۽ ترقي ڏني. هو اڳيئي سون هو، پر هاڻ پارس ٿي پيو ۽ سندس شعر بہ وڌيڪ موهيندڙ ۽ معنيٰ دار ٿيو. سندس شاعراڻي خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي ۽ هندو توڙي مسلمان، پڙھيل توڙي اڻپڙھيل هن جي ڪلام تي مشتاق آهن. اهڙو سھڻو ۽ سنجيدو، مٺو ۽ من موهيندڙ ڪلام هو تڏھين چئي سگهيو آهي، جڏھين هر هنڌ اکيون کولي هليو آهي ۽ انھيءَ ڪري ئي هن کي سچو سيلاني سڏجي ٿو.
(لطيفي سئر)
گروپ ڀٽ جو ڀٽائي ۾ موجود سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن جي مانائتن دوستن جو آئون تمام گهڻو مشڪور آهيان. جو پاڻ هر ممڪن ڪوشش ڪري ڀٽائي سائين جي آفاقي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ مون حقير فقير سان سھڪار ڪري رهيا آهن.
هلندڙ سلسلي، هلو تڪيا پسون تن جا ۾ اڄ سائين محترم #غلام_رسول_چانديو صاحب کان فڪر لطيف جو درس پرايون ٿا.
= Date - 19/06/2024
= Video Numbar - 37
محترم پيارا ساٿيو! ويڊيو ڏسو ۽ شئير ڪندا ايڊمن حقير فقير احسان علي رند. 🙏🏻
Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai
Link _ www.facebook.c...
You tube _ / @ahsanalirind-official
Tiktok _ www.tiktok.com...
#ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif
#latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
#ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif
#latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
#latififaqeer
#darbarhazratshahabdullatifbhittai
#ShahBhittai
#shahlatif
#Sindh
#shrine
#SindhiNews
#SindhiMedia
#ShahJoRisalo
#salamsindhvlogs #salamsindhnews #salamsindhofficial #vlogs #sindhivlogs #sindhivlogger (Vlog) -
#هلندڙ...
از - حقير فقير احسان علي رند.