Ahsan Ali Rind - Official
Ahsan Ali Rind - Official
  • 292
  • 247 015
sur kedaro by Sikandar Janyaro #year2024
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 06
= Date - 12/07/2024
= Video Numbar - 61
#سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا:
معمول موجب شھداء ڪربلا جو شان مختصر تحرير سان گڏ سائين #سڪندر_جانيارو صاحب جي زباني هڪ ننڍڙي ويڊيو ڪلپ ساڻ پيش خدمت آھي
ڪَـرِبَـلا ۾ شھيدن جو پاڻي بند:
•·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·••·•·•·•·•·•
ڪَـرِبَـلا ۾ يزيد ۽ سندس ساٿين حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام سان ظلمن، سختين ۽ بـٖي واجبيَن جي حد ڪري ڇڏي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. هڪ طرف هزارن جو هٿيارن سان ليسِ/موجود لشڪر، ٻئي طرف فقط ۷۲ ٻاهتر ڄڻا جن ۾ ٻار، ٻُڍا، پردي دار عورتون بہ شامل هيون، اُن هوندي بہ يزيدي فوج طرفان جنگ جي ڪنھن بہ اصول تي عمل نہ ڪيو ويو، نہ برابر فوجي هڪ ٻئي جي سامُهون ڪيا ويا، نہ محرم مھيني جو احترام ڪيو ويو، نہ پرده دار عورتن ۽ ٻارن کي الڳ ڪري ڪا سھوليت ڏني ويئي. پر مُرڳـٖين/ماڳِھِين ۷ ست محرم الحرام کان آب ڪوثر جي وارثن جو پاڻي بند ڪري، فرات نديءَ تي وڃڻ جي پابندي لڳائي، کين هر طرح سان پريشان ڪيو ويو. جنھن مان ظالم يزيد جي ظلمت ۽ بر بريت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يزيد کي فقط اها طلب هئي تہ ڪنھن بہ طرح حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام کي رستي تان هٽايو وڃي، تہ جيئن سدائين لاءِ تخت ۽ تاج سندس حوالي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تہ يزيد جو اصل مقصد ۽ مفاد فقط اقتدار جي حاصلات جو.
معصوم ٻارڙن جو پاڻي بند ڪري اذيت ڏيڻ جو اظھار ڀٽ جو ڀٽائي رحمةﷲعليه هن طرح ڪري ٿو:
ڪُـوفِـي ڪَـربَـلا ۾، پــاڻِـي نَـہ پِـيــارِيـنِ،
اُتـي عَـلِـيَ شـاهَہ کٖـي، شَـھِـزادا سـارِيـنِ،
نِڪَرِئو، نِھارِينِ، چَڙُھہ، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. چوٿون]
ســاٿــيــن کـــي الـــوداع:
•·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·••·•
ڪوفي جي ۱۴۰۰۰۰ هڪ لک چاليھہ هزار ماڻھن جيڪي حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام کي خط لکيا، تن مان هڪ بہ مَيدان تي نہ هو! سڀ بيوفا ۽ دشمن نڪتا ۽ وڃي يزيد جا ساٿاري ٿيا. باقي ساڻن گڏ جيڪي سچا ساٿي هئا، تن کي هڪ رات حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام پنھنجي خيمي ۾ گهرائي، روشنيون جهڪيو ڪري واپس وڃڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ کين فرمايو تہ:
٫٫هي فقط منھنجي سر جا سوالي آهن، تنھن ڪري توهان مان ڪو وڃڻ چاهي تہ واپس وڃي سگهي ٿو. ،،
پر ڪو بہ ساٿي امام صاحبن کي اڪيلو ڇڏي واپس نہ وريو، بلڪ ثابت قدم رهي ۱۰ ڏھَہ محرم الحرام تائين هڪ ٻئٖي پٺيان جامِ شھادت نوش ڪيو. اُن متعلق ڀٽ جي ڀٽائي رحمةﷲعليه ٻڌايو تہ:
ڪُـوپا ڪِـلٖي ڪـوڏِيـا، راوَتَ ڪِـيـنَ رَهَـنِ،
سـائُـنِ سِـرَ فِـدا ڪِـئـا، اَڳِـئـان اِمـامَــنِ،
یُجَاهِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰهِ، ڪَمُّ اِهو ئِي ڪَـنِ،
حُــورُون هــارَ ٻَــڌَنِ، سِـھَــرا شَـھِـيـدَنِ کٖـي.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. چوٿون]
.
.
.
تحرير - ڪتاب هلو تڪيا پسون تن جا (مصري مخمور مھيري)
بيت - شاھہ جو رسالو .....................(غلام محمد شاهواڻي)
ويڊيو - ذريعو - سائين سڪندر جانيارو ..... ٻگھاڻ - ضلع ٺٽو.
Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai
Link _ share/TsWb3EWkEHkbjGvF/?mibextid=A7sQZp
You tube _ www.youtube.com/@AhsanAliRind-Official
Tiktok _ www.tiktok.com/@ahsan_ali_rind?_t=8n9mt6UbPKJ&_r=1
#ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif
#latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
Mahboob Syed Sayed Rasool Bux Shah Sikandar Janyaro Mohammad Saqlain Rasheed Ahmed Ansari Ali Hyder Samoon Saleem Bhutto Lateefi Bhutto Sagar Mukhtiar Jan Muhammad
#SindhiMedia #Sindh #india #کربلا
#fbreelsfypシ゚viralfbreelsfypシ゚viral
#fbreelsfypシ゚viralシ
#هلندڙ... @ہر کوئی ... @نمایاں کریں
มุมมอง: 24

วีดีโอ

sur kedaro by Sikandar Janyaro #year2024
มุมมอง 132 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 05 = Date - 11/07/2024 = Video Numbar - 60 #سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا: معمول موجب شھداء ڪربلا جو شان مختصر تحرير سان گڏ سائين #سڪندر_جانيارو صاحب جي زباني هڪ ننڍڙي ويڊيو ڪلپ ساڻ پيش خدمت آھي. جنگ جا اصول ۽ امام صاحب جو، مردانگيءَ وارو ڪردار: •·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·••·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·•·• جنگ جي زماني ۾ جنگ وڙھندڙ ڪمانڊر ۽ ...
shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Sur kedaro
มุมมอง 362 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 02 = Date - 08/07/2024 = Video Numbar - 48 #سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا: مختصر تحرير سان گڏ شھزادن جو شان سائين #سڪندر_جانيارو جي زباني سر #ڪيڏارو مان ورد. محرم الحرام جي معنيٰ •·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·•·• محرم الحرام اسلامي ڪئلينڊر جو پھريون مقدس مھينو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ٫٫حرام ٺهرايل يا منع ڪيل،، ڇاڪاڻ تہ ڪائنات جي نبي ڪريم صليﷲعليه وآله...
shah Abdul latif Bhitai | Sur kedaro by Sikandar Janyaro
มุมมอง 652 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 01 = Date - 07/07/2024 = Video Numbar - 47 #سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا: ٫٫ڪيڏارو،، لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ٫٫ڪيدار،، جي بگڙيل بناوت آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ٫٫جنگ جو مَيدان،، . هن سُر ۾ ڀٽ جي ڀٽائي رحمةﷲعليه ڪربلا جي شھيدن سان عقيدت، محبت، پيار، پريت، نينھن ۽ نياز سبب رزمگوئِي جا ڇھَہ ( ۶ ) داستان لکي کين انتھائي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شاهہ ...
Sikandar Janyaro #latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
มุมมอง 122 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 03/07/2024 = Video Numbar - 51 ڀاءُ #محمد_ثقلين، پيارو سائين #سڪندر_جانيارو صاحب ۽ آئون ناچير ڳاڙهو شھر ۾ #وفا_حيدر_کٽي جي دڪان تي جڏهين پڳاسين. 🍀💕🍀 مختصر ملاقات جا منظر، لطيفي ورد جا ڪجهه منظر ڪئميرا جي اک وسيڪي محفوظ ڪري توهان پيارن جي نظر ڪجن ٿا. Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai Link _ share/TsWb3EWkEHkbjGvF/?mibextid=A7sQZp You tube _ www.youtu...
Shah Jo Risalo by Hussain Gulri
มุมมอง 512 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 02/07/2024 = Video Numbar - 50 صبح جا خوبصورت لمحا پکين جون پيار ڀريون ٻوليون سائين #سڪندر_جانيارو جي آسڻ تان سندس شاگرد لطيفي فقير پياري #حسين_گلڙي جو ننڍڙو ويڊيو پارٽ توهان پيارن جي نظر ڪجي ٿو. از - حقير فقير احسان علي رند. Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai Link _ share/TsWb3EWkEHkbjGvF/?mibextid=A7sQZp You tube _ www.youtube.com/@AhsanAliRind-Off...
shsah Jo kalam by Abdul Kareem Lund
มุมมอง 312 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 01/07/2024 = Video Numbar - 49 فقير عبدالڪريم لنڊ. سائين اشرف چانڊيو جي آسڻ تي لطيف سائين جي آفاقي جو ورد ڪندي. پاران: حقير فقير احسان علي رند. 🙏🏻 Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai Link _ share/TsWb3EWkEHkbjGvF/?mibextid=A7sQZp You tube _ www.youtube.com/@AhsanAliRind-Official Tiktok _ www.tiktok.com/@ahsan_ali_rind?_t=8n9mt6UbPKJ&_r=1 #ShahBhittai ...
Sur Samoondi By Faqeer Ashraf Shakh | Latifyat
มุมมอง 272 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 30/06/2024 = Video Numbar - 48 هي سلسلو تقريبن پراڻي گروپ ڀٽ جو ڀٽائي کان وٺي هلندو پيو اچي جيڪو ٽيڪنيڪل معاملن ڪري مجبورن بند ڪري وري دوبارہ هي نئون گروپ ساڳي نالي سان سنگت جي صلاح تي ترتيب ڏيئي فڪر لطيف جو پيغام عام ڪري رهيا آهيون. سلسلو هلو تڪيا پسون تن جا؛ پھريونڪي گروپ ۾ اندازين ڏيڍ سال تائين روزاني جي بنياد تي هلندو رهيو، جنهن ۾ شاگردن کان وٺي جهر جهنگ جي جه...
Shah Jo Risalo Sur Sasui by ashraf chanio
มุมมอง 512 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 27/06/2024 = Video Numbar - 43 = Video part - 02 20 جون 2024 مطابق 13 ذوالحج 1445ھ تي گروپ #ڀٽ_جو_ڀٽائي سٿ جي سھڪار سان درگاھہ حضرت سيد ناٿن شاھہ مست بادشاھ بخاري (لڳ ٽمون جلالاڻي موري) ڀرسان ملھايل چوڏهين شريف تي رچايل لطيفي رهاڻ ۾ گروپ سان سلھاڙيل سڄڻن پاران گهرايل خاص مھمان لطيف سائين جي فڪر کي پوريءَ زندگيءَ ارپيندڙ شاھہ سائينءَ جو پارکو سائين محترم #محمد_اشرف...
Latifyat by Sikandar Janyaro | Bhit Jo Bhitai
มุมมอง 242 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 26/06/2024 = Video Numbar - 42 جنگيسر تڙ تي گروپ ڀٽ جو ڀٽائي پاران ملھايل شام قسط نمبر 03 جنگيسر تڙ تي سائين سڪندر جانيارو. علي اڪبر ميمڻ. اياز سھتو. سائين سيد مقبول شاھہ. سائين سيد پيار علي شاھہ. سائين سيد قمر الزمان شاھہ. سائين سيد شاھ حسين شاھہ. سائين سيد علي محمد شاھہ صاحب سان گڏ لطيفي رهاڻ ۾ لطيفي لات جو ورد 💐❤️💐 پاران: ايڊمن سٿ و حقير فقير احسان علي رند. 🙏🏻 ...
shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Part 02 | Bhit Jo Bhitai
มุมมอง 382 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 25/06/2024 = Video Numbar - 41 جنگيسر تڙ تي گروپ ڀٽ جو ڀٽائي پاران ملھايل شام قسط نمبر 02 جنگيسر تڙ تي سائين سڪندر جانيارو. علي اڪبر ميمڻ. اياز سھتو. سائين سيد مقبول شاھہ. سائين سيد پيار علي شاھہ. سائين سيد قمر الزمان شاھہ. سائين سيد شاھ حسين شاھہ. سائين سيد علي محمد شاھہ صاحب سان گڏ لطيفي رهاڻ ۾ لطيفي لات جو ورد 💐❤️💐 پاران: ايڊمن سٿ و حقير فقير احسان علي رند. 🙏🏻 ...
Ghafoor shah taqvi Jo غزل by ashraf shaikh
มุมมอง 202 หลายเดือนก่อน
#bhitshah #shahbhittai #latif #sindh #هلو_تڪيا_پسون_تن_جا #latifiyat #jiyelatif #poetry #shahabdullatifbhittai #bhitai
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: Sikandar Janyaro
มุมมอง 362 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: = Date - 24/06/2024 = Video Numbar - 40 جنگيسر تڙ تي گروپ ڀٽ جو ڀٽائي پاران ملھايل شام قسط نمبر 01 جنگيسر تڙ تي سائين سڪندر جانيارو. علي اڪبر ميمڻ. اياز سھتو. سائين سيد مقبول شاھہ. سائين سيد پيار علي شاھہ. سائين سيد قمر الزمان شاھہ بخاري. سائين سيد شاھ حسين شاھہ. سائين سيد علي محمد شاھہ صاحب سان گڏ لطيفي رهاڻ ۽ لطيفي لات جو ورد. 💐❤️💐 پاران: ايڊمن سٿ ۽ حقير فقير احسان علي ر...
Latif Sain jo kalam by Ghulam Rasool Chandio
มุมมอง 353 หลายเดือนก่อน
#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: دنيا جو ڪامل سيلاني شاعر ٫٫شاهہ عبداللطيف ڀٽائي،، رحمةﷲعليه جڏھين بازر جي سئر واسطي گهر مان نڪري ٿو؛ هلندي هلندي ڪنھن لھار جي دڪان تي ڏسي ٿو تہ لوھر اڱر دکائي، ڌوَڻيءَ سان ڌنئين، کُورو تپائي، ان ۾ لوهہ وجهي ٿو تہ ڪٽ ڪڙھي ٿي ۽ لوهہ ٻري ٿو. جڏھين لوهہ تپي لال ڳاڙھو ٿئي ٿو، تڏهين مترڪا منھن ڪڍن ٿا، سنداڻيون ڪنبن ٿيون ۽ لوهہ ڌڪين تات پئي ٿو. اهي رواجي ڳالهيون جي سڀ ڪنھن ڏٺيون ...
lok Dastan Sur Sasui by Abdul Kareem Lund #sindhivlogs
มุมมอง 1063 หลายเดือนก่อน
lok Dastan Sur Sasui by Abdul Kareem Lund #sindhivlogs
Sur Sasui by Faqeer Abdul Kareem Lund | #bhitshah #sindh #poetry
มุมมอง 373 หลายเดือนก่อน
Sur Sasui by Faqeer Abdul Kareem Lund | #bhitshah #sindh #poetry
Sur Sasui | by Faqeer Abdul Kareem Lund | Saha Jo Risalo | Part 01
มุมมอง 663 หลายเดือนก่อน
Sur Sasui | by Faqeer Abdul Kareem Lund | Saha Jo Risalo | Part 01
Ashraf Chandio | Sur sorath
มุมมอง 973 หลายเดือนก่อน
Ashraf Chandio | Sur sorath
Bhitai sarkar jo kalam| Qabool Ahmad Jat
มุมมอง 203 หลายเดือนก่อน
Bhitai sarkar jo kalam| Qabool Ahmad Jat
Sur Purab by Sikandar Janyaro
มุมมอง 293 หลายเดือนก่อน
Sur Purab by Sikandar Janyaro
mufti hasoo faqeer
มุมมอง 994 หลายเดือนก่อน
mufti hasoo faqeer
Shah AbdulLatif Bhittai Jo Kalam By Sughar Yaqoob Jat _ Golarchi .. Sindh
มุมมอง 1414 หลายเดือนก่อน
Shah AbdulLatif Bhittai Jo Kalam By Sughar Yaqoob Jat _ Golarchi .. Sindh
JiyeLatif ۔ ShahAbdulLatifBhittai
มุมมอง 264 หลายเดือนก่อน
JiyeLatif ۔ ShahAbdulLatifBhittai
ڀٽ ڌڻي جي ڪلام جو پارکو؛ ٫٫فقير يعقوب جت،،
มุมมอง 1184 หลายเดือนก่อน
ڀٽ ڌڻي جي ڪلام جو پارکو؛ ٫٫فقير يعقوب جت،،
wricho
มุมมอง 1654 หลายเดือนก่อน
wricho
Zara Latifi
มุมมอง 85 หลายเดือนก่อน
Zara Latifi
Sikandar Janyaro |||||||| Mohammad Saqlain
มุมมอง 185 หลายเดือนก่อน
Sikandar Janyaro |||||||| Mohammad Saqlain
سڪار_علي_جانيارو
มุมมอง 195 หลายเดือนก่อน
سڪار_علي_جانيارو
گولاڙچي شادي تقريب
มุมมอง 546 หลายเดือนก่อน
گولاڙچي شادي تقريب
muhabat jo to wat aho mulh Aahe by Muhammad Ashraf Chandio #Sindhi #Poetry
มุมมอง 1977 หลายเดือนก่อน
muhabat jo to wat aho mulh Aahe by Muhammad Ashraf Chandio #Sindhi #Poetry

ความคิดเห็น