sur kedaro by Sikandar Janyaro

แชร์
ฝัง
  • เผยแพร่เมื่อ 23 ก.ย. 2024
  • #هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 06
    = Date - 12/07/2024
    = Video Numbar - 61
    #سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا:
    معمول موجب شھداء ڪربلا جو شان مختصر تحرير سان گڏ سائين #سڪندر_جانيارو صاحب جي زباني هڪ ننڍڙي ويڊيو ڪلپ ساڻ پيش خدمت آھي
    ڪَـرِبَـلا ۾ شھيدن جو پاڻي بند:
    •·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·••·•·•·•·•·•
    ڪَـرِبَـلا ۾ يزيد ۽ سندس ساٿين حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام سان ظلمن، سختين ۽ بـٖي واجبيَن جي حد ڪري ڇڏي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. هڪ طرف هزارن جو هٿيارن سان ليسِ/موجود لشڪر، ٻئي طرف فقط ۷۲ ٻاهتر ڄڻا جن ۾ ٻار، ٻُڍا، پردي دار عورتون بہ شامل هيون، اُن هوندي بہ يزيدي فوج طرفان جنگ جي ڪنھن بہ اصول تي عمل نہ ڪيو ويو، نہ برابر فوجي هڪ ٻئي جي سامُهون ڪيا ويا، نہ محرم مھيني جو احترام ڪيو ويو، نہ پرده دار عورتن ۽ ٻارن کي الڳ ڪري ڪا سھوليت ڏني ويئي. پر مُرڳـٖين/ماڳِھِين ۷ ست محرم الحرام کان آب ڪوثر جي وارثن جو پاڻي بند ڪري، فرات نديءَ تي وڃڻ جي پابندي لڳائي، کين هر طرح سان پريشان ڪيو ويو. جنھن مان ظالم يزيد جي ظلمت ۽ بر بريت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يزيد کي فقط اها طلب هئي تہ ڪنھن بہ طرح حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام کي رستي تان هٽايو وڃي، تہ جيئن سدائين لاءِ تخت ۽ تاج سندس حوالي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تہ يزيد جو اصل مقصد ۽ مفاد فقط اقتدار جي حاصلات جو.
    معصوم ٻارڙن جو پاڻي بند ڪري اذيت ڏيڻ جو اظھار ڀٽ جو ڀٽائي رحمةﷲعليه هن طرح ڪري ٿو:
    ڪُـوفِـي ڪَـربَـلا ۾، پــاڻِـي نَـہ پِـيــارِيـنِ،
    اُتـي عَـلِـيَ شـاهَہ کٖـي، شَـھِـزادا سـارِيـنِ،
    نِڪَرِئو، نِھارِينِ، چَڙُھہ، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.
    [سُر .. ڪيڏارو، داستان .. چوٿون]
    ســاٿــيــن کـــي الـــوداع:
    •·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·••·•
    ڪوفي جي ۱۴۰۰۰۰ هڪ لک چاليھہ هزار ماڻھن جيڪي حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام کي خط لکيا، تن مان هڪ بہ مَيدان تي نہ هو! سڀ بيوفا ۽ دشمن نڪتا ۽ وڃي يزيد جا ساٿاري ٿيا. باقي ساڻن گڏ جيڪي سچا ساٿي هئا، تن کي هڪ رات حضرت امام حُسَيۡنَ عليہ السلام پنھنجي خيمي ۾ گهرائي، روشنيون جهڪيو ڪري واپس وڃڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ کين فرمايو تہ:
    ٫٫هي فقط منھنجي سر جا سوالي آهن، تنھن ڪري توهان مان ڪو وڃڻ چاهي تہ واپس وڃي سگهي ٿو. ،،
    پر ڪو بہ ساٿي امام صاحبن کي اڪيلو ڇڏي واپس نہ وريو، بلڪ ثابت قدم رهي ۱۰ ڏھَہ محرم الحرام تائين هڪ ٻئٖي پٺيان جامِ شھادت نوش ڪيو. اُن متعلق ڀٽ جي ڀٽائي رحمةﷲعليه ٻڌايو تہ:
    ڪُـوپا ڪِـلٖي ڪـوڏِيـا، راوَتَ ڪِـيـنَ رَهَـنِ،
    سـائُـنِ سِـرَ فِـدا ڪِـئـا، اَڳِـئـان اِمـامَــنِ،
    یُجَاهِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰهِ، ڪَمُّ اِهو ئِي ڪَـنِ،
    حُــورُون هــارَ ٻَــڌَنِ، سِـھَــرا شَـھِـيـدَنِ کٖـي.
    [سُر .. ڪيڏارو، داستان .. چوٿون]
    .
    .
    .
    تحرير - ڪتاب هلو تڪيا پسون تن جا (مصري مخمور مھيري)
    بيت - شاھہ جو رسالو .....................(غلام محمد شاهواڻي)
    ويڊيو - ذريعو - سائين سڪندر جانيارو ..... ٻگھاڻ - ضلع ٺٽو.
    Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai
    Link _ www.facebook.c...
    You tube _ / @ahsanalirind-official
    Tiktok _ www.tiktok.com...
    #ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif
    #latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
    Mahboob Syed Sayed Rasool Bux Shah Sikandar Janyaro Mohammad Saqlain Rasheed Ahmed Ansari Ali Hyder Samoon Saleem Bhutto Lateefi Bhutto Sagar Mukhtiar Jan Muhammad
    #SindhiMedia #Sindh #india #کربلا
    #fbreelsfypシ゚viralfbreelsfypシ゚viral
    #fbreelsfypシ゚viralシ
    #هلندڙ... @ہر کوئی ... @نمایاں کریں

ความคิดเห็น • 2

  • @RPcomedy-ok1qz
    @RPcomedy-ok1qz 2 หลายเดือนก่อน

    ماشاء الله❤

  • @RPcomedy-ok1qz
    @RPcomedy-ok1qz 2 หลายเดือนก่อน

    جيو جاني جيو