Ranjhan Ayo Ghuli Bahar_Faqeer Mansoor Ali Shahani

แชร์
ฝัง
  • เผยแพร่เมื่อ 13 ต.ค. 2024
  • رانجهن آيو، گُهلي بَهار
    ڪيرُ ڪتي، هاڻي ڪيرُ ڪمائي
    آتڻ اوهان جو مُون نه سيبايو، يار رانجهن سان هِي نينهڙو لايو
    چؤرُخ ٿيا چمڪار
    سرتيون سينگار جو ڪريو اوهين سعيو، چوٽو چَندن مُشڪ ملايو
    عشق آيو الهار
    چرخي سان منهنجو چت نٿو لاڳي، پانديون وڃن ٿا ڪانگ اُڏائي
    پوڻيون ڌارو ڌار
    ڪرم “قطب” تي الله ڪري آيو، رانجهن سائينءَ ڀاڻ وسايو
    “هُو هُو” جي هُٻڪار
    __________________
    ڪلام: حضرت فقير سيد قطب علي شاه جهانيان
    ويراڳي: فقير منصور علي شاهاڻي
    آڊيو رڪارڊنگ ونڊ ڪندڙ مهربان: فقير ڪرامت علي شاهاڻي

ความคิดเห็น •