Faqir Ahmad Faraz |Tuhanjy Shahar Ja manzir | Sindhi Song

แชร์
ฝัง
  • เผยแพร่เมื่อ 23 ก.ย. 2024
  • Faqir Ahmad Faraz |Tuhanjy Shahar Ja manzir | Sindhi Song
    Tuhanjy mizaj jehra
    Tuhanjy shahar ja manzir
    غزل
    مُصَّوِر چوھاڻ
    تنھنجي مزاج جھڙا، تنھنجي شھر جا منظر.
    سرسبز، گَھٽ گھڙيء لئه، عرصو رھن ٿا بنجر،
    لفظن جي بوتلن ۾ ڍُڪ ڍُڪ خيال تنھنجا،
    لڙڪن جي لاشعوري، تنھنجي قلم جي اندر،
    ٽھڪين ته مور مرڪن، روئين ته رات جاڳي،
    ٻولين ته ٻار جھڙي، ۽ ماٺ تنھنجي مندر،
    مڪليء جو ماڳ ڀاسين جوڳيء جي ٿاڪ جھڙي
    معصوم دل آ منھنجي ۽ نيڻ تنھنجا خنجر
    ڪنھن جي تلاش توکي، توکي ٿو ڪير ڳولھي،
    جھر جھنگ جھاڳ جھاڳي
    مليو نه ڪو، مصور !

ความคิดเห็น • 10