Aya angan Ajeeb Naseeb bhala|Seengar Ali Saleem

แชร์
ฝัง
  • เผยแพร่เมื่อ 10 ก.ย. 2024
  • #KatoharGul
    #SeengarAliSaleem
    #SindhiClassic
    سنڌ جو سدا بهار راڳي، سينگار علي سليم، 1940ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ڳوٺ الور ۾ ڄائو. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجن بزرگن سان گڏ پهرين بـهـاولـپـور ۽ پوءِ سکـر ۾ اچـي رهيو ۽ اتي ئي مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين. سينگار علي سليم نوجوانيءَ کان سُـر سنگيت سـان ناتـو ڳـنڍيـو. 1975ع ڌاري هن سيد لال حسين شاهه ’سوز‘ جو غزل ’بهارِ جاودان خاموش‘ ڳائي سُر جي سفر جي باقاعدي شروعات ڪئي. هن راڳ جي ابتدائي سکيا استاد امانت علي خان کان ورتي ۽ رياضت ۽ محنت سان سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجو بيمثال مقام حاصل ڪيو. هن پنهنجي حياتيءَ جا 50 سال وڏي عقيدت ۽ رياضت سان سنڌي موسيقيءَ کي ارپيا. هو بنيادي طور سنڌ ڄائو نه هو، پوءِ به هن سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ’ماءُ‘ سڏي، پاڻ کي سنڌ جو قابل فخر فرزند ثابت ڪيو.
    ميـواتي گهراڻـي جو هـي واحـد ڪلاونت هو، جـنـهـن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سُرن جي ڄاڻ هوندي به سنڌي ’ڪافي ڪلام‘ کي جيڪو حسن بخشيو، اُن جو مثال ملڻ محال آهي. سُر لڳائڻ ۽ سُـر جـو تـاثـر قـائـم رکـڻ ۾ هـو پنهـنجـو مٽ پاڻ هو. جيتوڻيڪ هو اُستاد بڙي غلام علي خان جي ڀاءُ استاد امانت علي خان جو ڌاڳي ٻَڌل شاگرد هو، پر ’ڪافي- ڪلام‘ لاءِ مٿس استاد الهڏني نوناريءَ جو اثر ڇانيل رهيو، پر اُن ۾ هن پنهنجو ذاتي دل کي ڇهندڙ رنگ ۽ انگ به شامل ڪيو.
    زندگيءَ جا پويان ڏهه سال سينگار علي سليم، نيم مجذوبيءَ واري حالت ۾ گذاريا ۽ گهڻو ڪري سير سفر ۾ گذاريو. هو چار پنج سال هالا شهر ۾ به رهيو. راڻي فقير سوڍڙي جو مڪان ڄڻ سندس پنهنجو گهر هو، پر هالن جي ڊاڪٽر الهه بچائي ميمڻ سان هن جي جيءَ جون جڙون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي سينگار علي سليم سان محبت جو اهو عالم هو، جو سينگار جي لاڏاڻي تي پنهنجي اسپتال جي احاطي ۾ سوڳ جو تڏو وڇايو هئائين. هالا جي ڪيترن ماڻهن سينگار جي عذرخواهي ڊاڪٽر الهه بچائي سان به ڪئي. مشهور شاعر سوز هالائيءَ سان به سينگار علي سليم جا دوستاڻا واسطا هئا.
    سينگار علي سليم، سنڌ جو سُريلو ۽ طرز نگار گائڪ هو. هو سنڌ جو اهو خوبصورت موسيقار هو، جنهن پنهنجون طرزون پاڻ تيار ڪيون ۽ پاڻ ڳائي مڃايون. سينگار علي سليم، شاعر، خوشخط ۽ مصور پڻ هو.
    هن فقير صفت يگاني فنڪار سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو، پنجابي ۽ فارسيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو. هن بهترين موسيقار جي حيثيت ۾ تمام گهڻن ڪلامن جي موسيقي ترتيب ڏني، جيڪي ريڊيو، ٽي. وي ۽ ڪئسيٽ رستي سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا.
    سينگار علي سليم جي سُريلي آواز ۾ صوفي شاعرن جون دلپذير ڪافيون جڏهن هوائن ۾ گونجنديون هيون ته هر طرف واهه واهه ٿي ويندي هئي. هن پاڻ کي سنڌ جي سدارنگي گائڪ طور مڃايو. کيس ريڊيو پاڪســتان حيدرآباد تي موسيقي شناس پروگرام پروڊيوسر، غلام حسين شيخ سڀ کان اڳ ’ڪافي- ڪلام‘ لاءِ رڪارڊ ڪيو. هن پهريون سنڌي ڪلام ريڊيو تي ’آيا اڱڻ عجيب، نصيب ڀلا ڳايو‘ ريڊيو پاڪستان تي مختلف وقتن تي هيٺيون روح پرور ڪافيون رڪارڊ ڪرايون:
    (1) آيا اڱڻ عجيب نصيب ڀلا: لال حسين شاهه ’سوز‘،
    (2) مئه مينا جي درڪار نه آ: لال حسين شاهه ’سوز‘
    (3) آيا ڪين مارو وساريئون وطن کي: ريجهل شاهه،
    (4) ڪيها يار پريم لڳايا اي: بيدل فقير،
    (5) جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون: لال حسين شاهه ’سوز‘،
    (6) برسي بوند بهار: غلام شاهه،
    (7) تو بن رين وهاڻي: مصري شاهه،
    (8) آءٌ وريو نه ٿي وران: مصري شاهه،
    (9) تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان: مير علي نواز ’ناز‘
    (10) ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي: وفا پلي
    (11) ڪيا سنگ سانوڻ وري: عبدالڪريم پلي
    (12) وڌي ويون دل جون پريشانيون: لال حسين شاهه ’سوز‘
    (13) ڪيڏو به کڻي مان دُور وڃان: امداد حسيني
    (14) شهر جانان مان ٿيو گذر آهي: سوز هالائي
    سنڌ جي هن سدا حيات فنڪار ڪي. ٽي. اين جي مشهور ڊرامي ’باليءَ‘ جي ميوزڪ ڪمپوزيشن پڻ ڪئي هئي.
    مخصوص درويشاڻي لباس ۾ سُرن آڌار محفلون جهومائيندڙ هن سدا حيات فنڪار کي ’سچل سرمست‘ ۽ ’سلطان باهو‘ اوارڊ پڻ مليا. صوفي شاعرن کي وڏيءَ سڪ سان ڳائيندي ۽ ٻڌندڙن جا روح ريجهائيندي سينگار علي سليم اڌ صدي گذاري ڇڏي، پر کيس نه لطيف اوارڊ مليو ۽ ئي سرڪاري سطح تي سندس ڪا خاص پذيرائي ٿي. 14 آگسٽ 2004ع تي جڏهن پاڪستان جا شهري آزاديءَ جو جشن ملهائي رهيا هئا ۽ رات ٺريل هئي، تڏهن سنگيت نگر جي هڪ گهر ۾ ماتم مچي ويو ۽ هوائن ۾ هڪ خبر اُڏاڻي ته ’سنڌ- سينگار‘ سينگار علي سليم لاڏاڻو ڪري ويو.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

ความคิดเห็น • 46

  • @ayazahmedayaz720
    @ayazahmedayaz720 11 หลายเดือนก่อน +2

    Very nice super very best singer Musicians composer's
    SINDH DHARTI NEVER LISTEN AGAIN SINGING LIKE SEENGAAR ALI SLEEM
    ALLAH RABULLAALMEEN KARWAT KARWAT JANAT NASEEB KARAY PAK PARWARDIGAAR GHAREEQ AY REHMAT KARAY
    SUKKUR NEW GOTH KAY QABARASTAAN MEN AASOODAH AY KHAAK HAN

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  11 หลายเดือนก่อน

      Seengar Ali Saleem was unique classical singer❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️

  • @mubarakalisanjrani1946
    @mubarakalisanjrani1946 13 วันที่ผ่านมา +1

    عظيم انسان ،عظيم فنڪار

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  13 วันที่ผ่านมา

      ڀلڪل متفق سائين، سينگار علي سليم بس سينگار علي سليم ئي هو

  • @AsifKazi
    @AsifKazi ปีที่แล้ว +3

    سبحان اللہ ❤

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  ปีที่แล้ว

      ❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️

  • @arifqazi4428
    @arifqazi4428 ปีที่แล้ว +1

    ادا ڇا ڳالھ ڪجي سينگار علي سليم جي...نماڻو فنڪار ھيو...

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  ปีที่แล้ว

      سائين نماڻو، ڄاڻو، سريلو فنڪار، شاعر، ڪمپوزر ۽ مصور پڻ هيا ...سينگار علي سليم ڪير سڏائي

    • @fanafillahgroupdra.s.8924
      @fanafillahgroupdra.s.8924 หลายเดือนก่อน

      Shagrid Ustad Ashiq Ali sukkur

  • @user-jx1ms8oq6u
    @user-jx1ms8oq6u 4 หลายเดือนก่อน

    Best Collection

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  4 หลายเดือนก่อน

      Thanks

  • @user-bc4ul7gk8m
    @user-bc4ul7gk8m 10 หลายเดือนก่อน +2

    Good Work
    Sir Singhar ALi

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  10 หลายเดือนก่อน

      Seengar Ali Saleem was best classical singer

  • @amjadali-zl9is
    @amjadali-zl9is 9 หลายเดือนก่อน +2

    ❤Haq

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  9 หลายเดือนก่อน

      Haq Haq

  • @fawadshahbukhari
    @fawadshahbukhari 7 หลายเดือนก่อน +1

    Sain seengar ali insaaf kayo aahe poetry san. Excellent ❤

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  7 หลายเดือนก่อน

      Bilkul Saen Faqeer Seengar Ali Saleem panhji noiet jo munfirid Gawyo huyo

  • @deedarali5344
    @deedarali5344 5 หลายเดือนก่อน +1

    🥰

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  5 หลายเดือนก่อน

      🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏♥️♥️♥️♥️♥️

  • @aijazsamo8584
    @aijazsamo8584 28 วันที่ผ่านมา +1

    Very nice ❤

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  28 วันที่ผ่านมา

      Thanks lot for liking ♥️♥️♥️♥️🙏🙏🙏🙏

  • @SajjadGul2
    @SajjadGul2 3 ปีที่แล้ว +1

    Voice of God...unmatched Faqeer Seengar Ali Saleem

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      Seengar Ali Saleem unmatched Sindhi singer

  • @kabirsgraphy5806
    @kabirsgraphy5806 3 ปีที่แล้ว +2

    واه سائين زبردست....
    اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان.

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว +1

      هن ڌرتيءَ جو هڪ عجيب فقير گائڪ هيو سائين سينگار علي سليم، سندس آواز ۾ سوز ۽ درد فطري هو ڇوتہ هو مظلوم ڪربلا جي شهيدن جو نوح خوان هيو.
      هاءِ هاءِ ڇا تہ مٺڙا ماڻهو پنهنجي خوشبوءِ وکيري ڏور خلائن ۾ وڃي نڪتا جتان تارو بڻجي وري بہ ڌرتي واسين کي روشني پيا ڏين.
      🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏
      قرب ۽ ٿورا سهڻا شهزادا

    • @kabirsgraphy5806
      @kabirsgraphy5806 3 ปีที่แล้ว +1

      @@KatoharGul بلڪل سائين راڳ جي دنيا ۾ هڪ تاريخ هو سينگار علي سليم...

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      ❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️

  • @kamranthaheem1350
    @kamranthaheem1350 8 หลายเดือนก่อน +1

    Raag jo badshaah

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  8 หลายเดือนก่อน

      Jee Saeen Faqeer Seengar Ali Saleem kair Sadae

  • @aQking854
    @aQking854 2 ปีที่แล้ว +1

    Wah wah ADA

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  2 ปีที่แล้ว

      ❤️❤️❤️❤️💖💖💖💜💜💜💜💜

  • @smtv999
    @smtv999 3 ปีที่แล้ว +1

    Great

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏🌺🌺🌺🌺🌺🌺🌺🌺🌺💓💓💓💓

  • @TheCricketingMindFaisalAthar
    @TheCricketingMindFaisalAthar 3 ปีที่แล้ว +1

    good its soul touching

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      ❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️

  • @GhulamRasoolOfficial1
    @GhulamRasoolOfficial1 3 ปีที่แล้ว +1

    Zabrdst sain

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏
      قرب لک لک محبوب سائين 💗💗💗💗

  • @jamilkhoso2291
    @jamilkhoso2291 3 ปีที่แล้ว +1

    Thank you for sharing such a great lovely voice of Seengar Ali Saleem. The poetry used in this song is unmatched and is like divine words. Would you kindly share me about poet who wrote it. Warm regards and thank you once again

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  3 ปีที่แล้ว

      Thanks lot for your liking and comment. No doubt Saen Seengar Ali Saleem was great Singer.
      Saem SOZ HALAE is poet of this kalam.
      Once again thanks. 🙏🙏🙏🙏🙏🙏🙏

    • @AMIRBUXbvhuMIRANI
      @AMIRBUXbvhuMIRANI 2 ปีที่แล้ว +1

      @@KatoharGul i pray for the peace of drpartrd soul of poet syed lal Hussain shah sozz

  • @noormuhaamadkandhro7285
    @noormuhaamadkandhro7285 2 ปีที่แล้ว +1

    ادا سائين جس لھڻو عرض آهي تہ هن ڪلام ۾ قرآن شريف جون آيتون آھن ان جي لکت ۾ غلطيون آهن جيڪي ڪنهن عالم کان درست ڪرايو مھرباني

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  2 ปีที่แล้ว

      🙏🙏🙏🙏🙏🙏

  • @muhammadbux5076
    @muhammadbux5076 2 ปีที่แล้ว +1

    Kadanh tunjhay waran

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  2 ปีที่แล้ว

      ❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️❤️

  • @allahbuxdars1796
    @allahbuxdars1796 ปีที่แล้ว +1

    Cha Ta Awaz me Darad aa

    • @KatoharGul
      @KatoharGul  ปีที่แล้ว

      Ustad Seengar Ali Saleem was unmatched Sindhi Singer